شروعات

بسم الله الرحمٰن الرحيم



اڄ جو مهذب انسان هڪ عجيب صورتحال ۾ ڦاٿل آهي.. پنهنجو پاڻ کي محفوظ ڪرڻ جي ڪوشش انسانن کي غير محفوظ بڻائي ڇڏيو آهي.

زندگي پنهنجي مڪمل آسائشن باوجود مسلسل پيڙائن جو شڪار آهي.. نيڪين جو ثمر ته پري پر عاقبت سنوارڻ جي اڳيان به ديواريون بڻيل آهن. انسان پنهنجي علم، پنهنجي عمل، پنهنجي حالتن، پنهنجي خواهشن، پنهنجي عادتن مطلب ته پنهنجي پاڻ کان نجات چاهي ٿو. پنهنجي پڪڙ کان آزادي گهري ٿو. گمنام انديشن جا طوفان، اميدن جي ديپڪن کي اجهائي رهيا آهن.اڃ جي انسان جون فڪر ڪندڙ صلاحيتون منتشر ٿي چڪيون آهن. اڳواڻن جي ڀرمار اڳواڻي جي کوٽ پيدا ڪري ڇڏي آهي.ڪنهن جو ڪنهن تي اعتماد ئي نه رهيو آهي.ايتري تائين جو انسان کي پنهنجو پاڻ تي به اعتماد نه رهيو آهي. مسقتبل واضح نه هجي ته حال پنهنجي سمورين آسودگين باوجود بي معنا نظر اچي ٿو. اڄ جي دور ۾ مسيحائي جي دعويٰ هڪ وباء بڻجي چڪي آهي. جڏهن ته هر ماڻهون جي مٿي تي جهڙوڪ ڪفن ٻڌل آهي. ۽ تعزيت ڪرڻ وارو پنهنجي پاڻ کان تعزيت ڪري رهيو آهي. زندگي جون جائز ناجائز خواهشون ايتري حد تائين وڌي چڪيون آهن جون انسان بيوسي جي عالم ۾ اندران ٽٽي رهيو آهي. علم وڌي رهيو آهي، پکڙجي رهيو آهي، لائبريريون ڪتابن سان ڀرڻ لڳيون آهن پر انسان جو دل سڪون کان خالي ٿي رهيو آهي. آسائشن جي خواهشن انسان کي سوچن ۽ احساسن کان عاري بڻائي ڇڏيو آهي.

اڄ جي ٽريجڊي اها آهي ته ٽريجڊي خود مري چڪي آهي.. ۽ ان تي ماتم ڪرڻ جو ڪنهن کي وقت به نه رهيو آهي. اها ڳالهه انسان جي سمجهه کان ٻاهر ٿي چڪي آهي ته زمين جي سفر ۾ آسمان جا حڪم ڇو ۽ ڪنهن لاءِ آهن؟ مشينن انسانن کا مروت کسي ڇڏي آهي. گناهن دعائون کسي ڇڏيون آهن. روشني نظر کسي ڇڏي آهي.

اهڙي عالم ۾ هي ننڍو بلاگ ڇا ڪري سگهندو؟ پر ان اميد وانگر جيڪو هڪ نئون پيدا ٿيندڙ ٻار پنهنجي بي آواز لفظن سان ڪندو آهي ته ”گهڻو ٿيو.. پر هاڻي گهڻو ڪجهه اڃان به باقي آهي“ ساڳي طرح رات جي هن اونداهي واري دور ۾ نظر ايندڙ ننڍو ڏيئو مڪمل روشني ته نه ڏئي سگهندو آهي پر ڀٽڪندڙ مسافر کي هڪ اميد تائين ضرور پهچائيندو آهي. ۽ اميد به اهڙي جنهن کان منزل صرف ٻن قدمن تي هوندي آهي.