
هڪ دفعي هڪ کوهه جي ڏيڏرن الله تعالى کان دعا گهري ته ۔۔۔”باقي سڀني مخلوقن جا بادشاهه آهن۔۔۔ پر اسان جو ڪونهي ۔۔۔ يا الله اسان لاءِ به ڪو بادشاهه موڪل۔۔۔“
خدا تعالى سندن سادگي ڏسندي ڪاٺي جي هڪ پٽي کوهه ۾ ڪيرائي۔۔۔ کوهه ۾ پاڻي جو زور جو ڇپلو ٿيو۔۔۔ پهريان ته سڀ ڊڄي ويا پر ٿوري دير ۾ سڀني ڏٺو ته بادشاهه ته پاڻي ۾ ڊگهو ڊگهو ستو پيو آهي۔۔۔ هو ڊڄندي ڊڄندي ويجهو آيا۔۔ ۽ پوءِ هن جي مٿان چڙهي ٽپا ڏيڻ لڳا۔۔۔
ڪجهه ڏينهن کان پوءِ انهن خدا تعالى کي وري عرض ڪيو ته ۔۔”هي بادشاهه اسان کي پسند ڪونه آيو۔۔۔ ڪو ٻيو موڪل جيڪو اسان جي شايانِ شان هجي۔۔۔ “
خدا تعالى ناراض ٿيندي هڪ سامونڊي نانگ موڪليو۔۔ جيڪو ايندي ئي ٻن ٽن ڄڻن کي چٽ ڪري ويو۔۔۔ باقي وڃي ڪنڊن پاسن ۾ لڪيا۔۔۔
منهنجيون تحريرون پڙهندڙ دوست ڪافي سمجهدار آهن۔۔ اميد ته هن حڪايت مان نتيجو ڪڍي ويندا ۔۔۔ ۽ يقينن سڀني سان ونڊيندا۔۔
رشيد سمون جنهن جو تعارف هوئن ته سنڌ سلامت آهي پر سنڌي بلاگنگ جي دنيا ۾ نوان ٽيمپليٽ متعارف ڪرائي اهي سنڌين ۾ ورهائي سنڌي ٻولي جي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ اڳڀرائي ۽ سهڻي ڏيک ڏيڻ لاءِ ڪوشان ڪرڻ به سندس ئي ڪم آهي