| محبت جي ڪا عمر ناهي |
مون کائنس ضروري معلومات وٺي کيس ويهڻ جو اشارو ڪيو۔۔ ڇو ته ان جي واري کي اچڻ ۾ ڪلاڪ کان مٿي لڳي وڃڻ جو امڪان هو۔۔ مون ڏٺو ته هو بار بار ديوار تي لڳل گهڙي کي ڏسي رهيو هو۔۔ ۽ ڪافي پريشان هيو۔۔ ان بزرگ جي پريشاني جو خيال ڪندي مون پاڻ ئي هن جي زخم جو معائنو ڪيو ۽ زخم کي بهتر پوزيشن ۾ ڏسندي مون ڊاڪٽر کان سامان وٺندي ان جا ٽانڪا ڪڍي پٽي ڪري ڇڏي۔۔۔
ان دوران مون بزرگ کان پڇيو ته ۔۔۔”ڇا توهان ڪنهن ٻئي ڊاڪٽر کان 9 بجي جو وقت ورتو آهي جو جلدي ۾ آهيو۔۔۔؟“
هن جواب ڏنو ته کيس هڪ نرسنگ هوم وڃڻو آهي جتي هن کي 9 بجي پنهنجي زال سان گڏ ناشتو ڪرڻو آهي۔۔۔
جنهن تي مون سندس گهرواري جي طبيعت بابت پڇيو۔۔ تنهن تي بزرگ ٻڌايو ته سندس زال الزائمر نالي بيماري ۾ ورتل آهي ۽ ڪجهه عرصي کان نرسنگ هوم ۾ آهي۔۔۔
مون پڇيو۔۔۔ ”جيڪڏهن توهان وقت تي نه پهتو ته توهان جي گهر واري ناراض ٿي ويندي۔۔۔؟“
بزرگ جواب ڏنو ۔۔۔ ”هو ته گذريل پنجن سالن کان وٺي مون کي سڃاڻي ئي نه ٿي۔۔۔“
مون حيران ٿيندي پڇيو ته ۔۔۔”۽ توهان ان باوجود پنهنجي زال سان ناشتو ڪندا آهيو۔۔؟ حالانڪه هو سڃاڻي ئي نه ٿي ته توهان ڪير آهيو۔۔۔؟“
بزرگ مسڪرائيندي جواب ڏنو۔۔۔ ”بيشڪ هو مون کي نه ٿي سڃاڻي ۔۔۔ پر مان ته ان کي سڃاڻان ٿو نه ته هوءَ ڪير آهي۔۔۔“
اهو ٻڌي مون وڏي مشڪل سان پنهنجا ڳوڙها روڪيا۔۔۔ ڪيفيت اهڙي ٿي وئي جو منهنجو جيرو جهڙوڪ ٻاهر نڪرندو هجي۔۔۔ مون سوچيو ۔۔۔ ” اها آهي محبت جيڪا هر ڪنهن کي گهرجي۔۔۔“
رشيد سمون جنهن جو تعارف هوئن ته سنڌ سلامت آهي پر سنڌي بلاگنگ جي دنيا ۾ نوان ٽيمپليٽ متعارف ڪرائي اهي سنڌين ۾ ورهائي سنڌي ٻولي جي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ اڳڀرائي ۽ سهڻي ڏيک ڏيڻ لاءِ ڪوشان ڪرڻ به سندس ئي ڪم آهي