سر مارئي

سر ڪاموڏ

نوان پيغام

Saturday 1 December 2012

سڀ کان وڏو ڪير..........؟

هيٺين تصوير ڌرتي جي سائيز کي اسان جي نظامِ شمسي جي ٻين گرهن کي ڀيٽيندي 
ظاهر ڪري ٿي۔۔ 


هيٺين تصوير اسان جي نظامِ شمسي ۾ موجود ٻين وڏن گرهن کي ڀيٽيندي اسان جي ڌرتي جي سائيز کي ظاهر ڪري ٿي۔۔ ڏسو مشتري، زحل ۽ نيپچون جي مقابلي ۾ اسان جي ڌرتي ڪيتري ننڍي آهي۔۔۔ هڪ اندازي موجب 1400 ڌرتيون گڏجن ته هڪ مشتري ٺهندي۔۔۔





هيٺين تصوير اسان جي نظامِ شمسي جي وڏن سيارن کي سج سان ڀيٽي رهي آهي۔۔ توهان ڏسو ته مشتري جهڙي وڏي سياري جو به سج سان ڪو جوڙ نه ٿو ٺهي۔۔ هڪ انداز موجب مشتري جهڙا 980 سيار گڏجن ته وڃي سج جي سائيز کي پورو پئجي سگهندو۔۔۔ ته پوء سج سان ڌرتي جو جوڙ ڪيئن رهندو۔۔۔؟



اسان نظامِ شمسي کان ٻاهر نڪرون ٿا۔۔۔ ڏسو ته ڪائنات ڪيتري وڏي آهي۔۔ هيٺين تصوير ڏسي اندازو ڪيو ته اسان جو سج ٻين نظامن جي سج جي مقابلي ۾ ڪيترو ننڍو آهي۔۔۔


۽ جيڪڏهن اڃا ٿورو ٻاهر وڃو ته توهان کي حيران ٿيڻ گهرجي۔۔۔ ڇو ته اسان جي سج جي مقابلي ۾ ڪائنات ۾ ڪيڏا نه وڏا تارا موجود آهن۔۔۔ انهن جي مقابلي ۾ اسان جو سج صرف هڪ پڪسل جي برابر آهي۔۔


مٿين تصوير ۾ سڀ کان وڏو ڏسڻ ۾ ايندڙ تارو Antares آهي جيڪو ڪائنات ۾ سڀ کان روشن تارن ۾ 15 نمبر تي آهي۔۔ ۽ اسان کان 1000 سالن جي دوري تي آهي۔۔۔
هاڻي ٿورو اڃان ٻاهر ٿا نڪرون۔۔۔ ۽ هاڻي ذڪر ٿا ڪريون ان پنهنجي ان ڪهڪشان جو جنهن ۾ موجود 200 کان 400 بلين سج آهن ۽ وري انهن جا نظام ۽ وري انهن نظامن ۾ موجود لاتعداد سياره۔۔۔ هيٺين تصوير ڏسي اندازو ڪري سگهندو۔۔۔؟


ڳالهه رڳو هتي ختم نه ٿي ٿئي ۔۔۔ ڇو ته هن ڪائنات ۾ رڳو اسان جي ڪهڪشان موجود ناهي پر اسان جي ڪهڪشائن وانگر سَوَن نه پر هزارن نه پر لکن جي تعداد ۾ اهڙيون ڪهڪشائون موجود آهن۔۔۔ اسان جي ڪنهن تيز رفتار راڪيٽ ذريعي سفر ڪري پنهنجي ڪهڪشان کي ڪراس ڪرڻ جو سوچيون ته ان ۾ اسان کي موجوده دور جو تيز ترين راڪيٽ 220 ملين سال لڳاتار هلڻ سان به پورو ڪري نه سگهندو۔۔۔ اهڙي طرح هڪ ڪهڪشان کان ٻي ڪهڪشان جو سفر ٽن ملين سالن جو آهي۔۔۔۔


افففففففففف
هاڻي ٻڌايو ته هن ڪائنات ۾ توهان ڪيترا وڏا آهيو۔۔۔؟
۽ توهان جون پريشانيون ڪيتريون وڏيون آهن۔۔۔؟

۽
هن ڪائنات جو خلقيندڙ ڪيترو وڏو آهي۔۔۔؟

Thursday 29 November 2012

مسئلن تي شڪايت ڪرڻ بجائي ان جو حل ڳوليو...


چون ٿا ته هڪ دفعي چين جي هڪ حاڪم هڪ اهڙو پٿر رستي جي وچ تي رکرايو جو ان جي رکڻ سان اچڻ وڃڻ ڏکيو ٿي ويو۔۔۔ جنهن کان پوءِ هن ويجهو ئي هڪ پهريدار کي ويهاري هر ايندڙ ويندڙ جي ردِ عمل کي نوٽ ڪري کيس ٻڌائڻ جو حڪم ڏنو۔۔

سڀ کان پهريان رستي کان هڪ تاجر جو گذرڻ ٿيو ۔۔ جنهن رستي جي وچ تي رکيل پٿر کي ڏسندي ئي ان ماڻهون کي برو ڀلو چوڻ شروع ڪيو جنهن عين رستي جي وچ تي اهو پٿر رکي ڇڏيو هو۔۔۔ هن زور زور سان چيو ته هو هاڻي ئي وڃي ڪنهن اعلى عملدار سان شڪايت ڪندو ۽ جنهن پٿر اتي رکيو آهي ان کي سزا ڏياريندو۔۔

ان کان پوءِ اتان هڪ ٺيڪيدار جو گذرڻ ٿيو۔۔ جنهن جو ردِ عمل به گذريل تاجر جهڙو ئي هيو پر سندس لب و لهجي ۾ ايتري ڪاوڙ نه هئي جيتري تاجر کي هئي۔۔۔ ڇو ته ٻنهي جي رتبي ۾ فرق به ته هو۔۔۔

ٿوري دير ۾ ٽن بيروزگار نوجوان ساٿين جو گذر ٿيو۔۔۔ جيڪي ڪنهن ڪم ڪار جي ڳولا ۾ نڪتل هئا۔۔۔ انهن پٿر رکندڙ کي ڄٽ، جاهل ۽ بيوقوف جا لقب ڏنا ۽ کلندا اڳتي راهي ٿيا۔۔۔۔

اهڙي طرح مختلف ماڻهون ايندا رهيا جن ڪڏهن پٿر رکندڙ کي ته ڪڏهن حڪمرانن کي برو ڀلو ٿي چيو۔۔۔

ان پٿر کي اتي رکئي ٻه ڏينهن گذري ويا۔۔۔ جنهن کان پوءِ اتان هڪ غريب ۽ مسڪين هاري جو گذر ٿيو۔۔۔ شڪايت يا شڪوو ڪرڻ بجاءِ هن جي دل ۾ جيڪا پهرين ڳالهه آئي سا هئي ان تڪليف جو احساس جيڪو ان پٿر جي وچ رستي تي هجڻ سان هر ايندڙ ويندڙ ماڻهوءَ کي ٿي رهيوهو۔۔ هو چاهي پيو ته ڪهڙي به طرح ان پٿر کي اتان هٽائجي ۔۔



ان هاري اتان گذرندڙ ماڻهن کي آواز ڏيندي گڏ ڪيو ۽ کين پٿر جي وچ رستي تي هجڻ سان پيدا ٿيندڙ ڏکيائين کان آگاهه ڪيو۔۔ ۽ آخر ۾ سڀني کي گڏجي ان پٿر کي هٽائڻ ۾ مدد جي درخواست ڪئي۔۔۔

اهڙي طرح سڀني ماڻهن گڏجي زور لڳايا ۽ ان پٿر کي رستي تان پري ڌڪي ڇڏيو۔۔۔ پٿر جي هٽڻ سان پٿر جي هيٺان ننڍي کڏي ۾ رکيل هڪ سون جي صندوقچي نظر آئي ۔۔ جنهن کي جڏهن هاري کوليو ته اندران هڪ ڪاغذ جو ٽڪڙو نڪتو ۔۔۔ جنهن ۾ لکيل هيو۔۔

حاڪمِ وقت طرفان پٿر کي رستي تان هٽائيندڙ ماڻهون جي نالي۔۔ جنهن جي عملي سوچ مسئلن تي شڪايت ڪرڻ جي بجاءِ ان جي حل ڪڍڻ کي بهتر ڄاڻيو۔۔۔

منهنجو عزم... انسانيت، ايمانداري ۽ برداشت


منهنجو عزم .... منهنجي انسانيت
منهنجو عزم .... منهنجي ايمانداري
منهنجو عزم....  منهنجي برداشت 





Wednesday 28 November 2012

قرآن پاڪ جي تلاوت جو اسان جي زندگي تي اثر…

مٿي پهاڙن تي هڪ بزرگ پنهنجي پوٽي سان گڏ رهندو هو۔۔ هو روزانو صبح جو قرآن پاڪ جي تلاوت ڪندا هئا۔۔ بزرگ جو پوٽو هميشه ڪوشش ۾ رهندو هو ته هو پنهنجي ڏاڏي جهڙو بڻجي۔۔
هڪ ڏينهن پوٽو چوڻ لڳو ۔۔”ڏاڏا مان به توهان وانگر قرآن پاڪ پڙهڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان۔۔ پر مون کي سمجهه ۾ نه ايندو آهي۔۔۔ جيڪو ٿورو گهڻو سمجهه اچي اهو به جيئن ئي مان قرآن بند ڪندو آهيان وسريو وڃي۔۔ اهڙي قرآن پڙهڻ مان اسان ڇا سکي سگهنداسين۔۔۔ مون کي ته ڪجهه فائدو نظر نه ٿو اچي۔۔۔“
ڏاڏي خاموشي سان کيس ڪوئلن سان ڀريل ٽوڪري خالي ڪري سندس حوالي ڪئي ۔۔ ۽ چيائين ۔۔ ”وڄ۔۔۔ وڃي هيٺان وهندڙ ندي مان پاڻي جي ٽوڪري ڀري اچ۔۔۔“
پوٽي ڏاڏي جو حڪم مڃيندي هيٺ نهر مان پاڻي ڀري موٽيو پر گهر تائين پهچندي پهچندي ٽوڪري مان سڀ پاڻي وهي ويو۔۔ ڏاڏي مسڪرايو ۽ چيائين۔۔”تون هن دفعي وڌيڪ تيز قدم کڻجانء ۽ اچڻ ۾ جلدي ڪجانء۔۔۔“ ۽ ان کي واپس موڪلي ڇڏيو۔۔
هن دفعي ڇوڪرو وڌيڪ تيزي سان واپس موٽندي گهر تائين پهتو ۔۔ پر گهر پهچندي پهچندي هڪ دفعو وري ٽوڪري پاڻي کان خالي ٿي وئي۔۔ تيز هلڻ سان سندس ساهه ڦوڪجي رهيو هو ۔۔ ۽ انهي ڪيفيت ۾ ئي هن ڏاڏا کي چيو۔۔ ”ٽوڪري ۾ پاڻي ڀرڻ ممڪن ئي ناهي۔۔ مان بالٽي ۾ پاڻي ڀري اچان ٿو۔۔۔“
ڏاڏا وراڻيو۔۔۔ ”مون کي پاڻي جي بالٽي نه کپي ۔۔۔ پر پاڻي جي ٽوڪري گهرجي۔۔ تون ٺيڪ طرح ڪوشش نه ٿو ڪرين۔۔۔“ ڏاڏا کيس وري واپس موڪليو ۽ هن دفعي سندس واپسي جو انتظار ڪرڻ لاءِ در تي بيهي رهيو۔۔ ڇوڪري کي خبر هئي ته اهو ناممڪن آهي پر هن پنهنجي ڏاڏا کي ڏيکارڻ لاءِ هڪ دفعو وري نهر مان ٽوڪري ۾ پاڻي ڀريو ۽ تيزي سان واپس ڊوڙندو واپس وريو۔۔ پر واپس ايندي ايندي ٽوڪري مان سمورو پاڻي ضايع ٿي ويو۔۔ واپس پهچي هن ڏاڏا کي چيو۔۔۔ ”ڏٺوَ ڏاڏا۔۔۔ ٽوڪري ۾ پاڻي ڀرڻ بي سود آهي۔۔۔ “
ڏاڏي ٽوڪري ڏانهن ڏٺو ۽ چيائين۔۔ ”ٽوڪري ڏانهن ڏس۔۔۔“ ڇوڪري ٽوڪري کي ڏٺو ۽ پهريون دفعو کيس احساس ٿيو ته ٽوڪري پهرين کان مختلف آهي۔۔ اها هاڻي پراڻي ۽ گندي ٽوڪري بجاءِ اندران ۽ ٻاهران صاف سٿري ٿي چڪي هئي۔۔۔
ڏاڏي چيو۔۔ ” پٽ جڏهن اسان قرآن پڙهندا آهيون ته چاهي اسان ان جو هڪ به لفظ سمجهي نه سگهندا هجون ۔۔ يا ياد نه ڪري سگهندا هجون پر پوءِ به ان جي تلاوت اسان کي اندران ٻاهران ائين ئي صاف ڪري ڇڏيندي آهي۔۔۔ اهڙي طرح الله تعالى اسان جي زندگي تبديل ڪندو آهي۔۔۔

Tuesday 27 November 2012

نا اميد نه ٿيو ۔۔ هي دنيا فاني آهي۔۔

۽ مون جڏهن ڏهين منزل تان ٽپو ڏنو۔۔۔





منهنجي ته سموري زندگي سورن ۽ ڏکن سان ڀريل هئي۔۔
ڪو حل به ته نظر نه پيو اچي۔۔۔
بس خودڪشي ئي هڪ حل هيو۔۔
ٽپو لڳايان يا نه۔۔۔۔؟
۽ پوءِ مون واقعي ٽپو لڳائي ڇڏيو۔۔۔



◊◊◊◊◊◊



هي نائين منزل آهي۔۔۔



اڙي هي ته اهي ٻئي زال مڙس آهن۔۔
جن جي محبت جو چرچو عام هيو۔۔
هنن جي خوشي سان ڀريل زندگي جو ته بلڊنگ ۾ مثال هو۔۔
هي ڇا۔۔۔۔؟ هي ته پاڻ ۾ وڙهن پيا۔۔۔
معنى هي پاڻ ۾ ڪڏهن به خوش خرم نه هئا۔۔۔


◊◊◊◊◊◊


هي اٺين منزل آهي۔۔۔



هي ته اسان جي بلڊنگ جو مشهور کل مک نوجوان آهي۔۔۔
جيڪو روئندڙ به کلائي وٺندو هو۔۔۔
پر هي ڇا۔۔۔۔؟ هي ته پاڻ روئي پيو۔۔


◊◊◊◊◊◊


هي ستين منزل آهي۔۔۔



اڙي هي اسان جي بلڊنگ جي اها عورت ناهي۔۔۔؟
جيڪا پنهنجي شوخي ۽ چنچل ادائن ڪري مشهور هئي۔۔۔
پر هي ڇا۔۔۔؟ هي ته ايتريون دوائون پئي کائي۔۔۔
معنى هيءَ ته دوائن جي ذريعي زنده آهي۔۔۔
هل۔۔۔ معنى ويچاري ايڏو بيمار آ۔۔۔۔


◊◊◊◊◊◊


هي ڇهين منزل آهي۔۔



هي ته پنهنجو پاڙيسري انجينيئر آهي۔۔
ويچاري پنج سال اڳ انجينيئرنگ پوري ڪئي هئي۔۔۔
۽ تڏهن کان اخبار خريد ڪري روزانا جا
اشتهار ڏسندو آهي۔۔۔


◊◊◊◊◊◊


هي پنجين منزل آهي۔۔۔



او هي ته اهو ئي پوڙهو آهي۔۔۔
ويچارو هميشه انتظار ۾ رهندو آهي ته ڪير اچي سندس سار لهي۔۔۔۔
پنهنجي شادي شده پٽن ۽ ڌيئرن جو بس انتظار ئي ڪندو رهندو آهي۔۔۔
پر ڪڏهن به ڪير سندس در تي نه آيو۔۔۔
ويچارو ڪيڏو نه اداس پيو لڳي۔۔۔


◊◊◊◊◊◊



هي چوٿين منزل آهي۔۔۔



اڙي هي ته هميشه کلندڙ مسڪرائيندڙ خوبصورت پاڙي واري آهي۔۔
ويچاريء جي مڙس کي مرندي ٽي سال ٿي ويا آهن۔۔۔
سڀئي ته اهو پيا سمجهن ته وقت سندس درد مٽائي ڇڏيا آهن۔۔۔
پر هيء ته اڃان به مڙس جي تصوير کنيو روئي پئي۔۔۔


◊◊◊◊◊◊




ڏهين منزل تان ٽپو لڳائڻ وقت ته مون سوچيو هو ته رڳو ۔۔۔
مان ئي هان جيڪا هن دنيا ۾ غمگين ۽ پريشان آهيان۔۔
مونکي ته هاڻي خبر پئي ته هتي ته سمورن کي سور ۽ درد آهن۔۔۔
۽ ٻين جي غمن کي ڏسجي ته اهي ته منهنجين پريشانين کان به وڏا آهن۔۔۔


◊◊◊◊◊◊





ٽپو لڳائڻ کان پوءِ زمين ڏانهن ايندي جن کي مان ڏسندي ٿي آيس۔۔۔
هاڻي اهي سڀ مون کي ڏسي رهيا آهن۔۔۔


◊◊◊◊◊◊




سبق: ڪاش هرڪو اهو سوچي ته ٻين جا دک درد ته پنهنجن سورن کان به سوايا آهن۔۔ پر پوءِ به هو ڪهڙي طرح نه خوشيءَ سان زندگي پيا گذارين۔۔۔ ۽ هميشه پنهنجي رب جو شڪر پيا ادا ڪن۔۔۔

دوستو هي دنيا فاني آهي۔۔ هن دنيا ۾ موجود هرشي الله جي ويجهو ڪنهن مڇر جي هڪ پر جي برابر به ناهي۔۔۔ ۽ ياد رکو ته الله تعالى صبر ڪرڻ وارن سان گڏ آهي۔۔۔

Monday 26 November 2012

نئين ٽيڪنالاجي جي دنيا ۽ اسان جو حال..




سمارٽ برڊ روبوٽ
خبر آهي ته ٽيڪنلاجي ۽ بائيونڪ اوزارن جي ميدان ۾ اڳتي نڪرندي جرمني جي مشهور ۽ معروف آتو مشين ڪمپني فيسٽو جي سائنسندانن ڪبوترن وانگر اڏام ڪندڙ روبوٽ تيار ڪري ورتو آهي. جنهن کي جاسوسي لا۽ به استعمال ڪري سگهبو۔
سمارٽ پرڊ نالي انهي روبوٽڪ جو وزن صرف 400 گرام آهي ۽ هوا ۾ اڏام ڪرن لا۽ ان ۾ هڪ هلڪي وزن جي اليڪٽرڪ موٽر ۽ 2 ميٽر ڊگهين پرن ۾ به معاون موٽرون لڳايون ويون آهن۔
هن جي ذريعي دشمن ملڪن جي فوجين تي نظر رکڻ کان علاوه ٻيا به ڪيترائي اهم دفاعي ڪم وٺي سگهجن ٿا. پرآخر ڪار اهو ئي ٿيو جنهن جو خدشو هو۔۔۔ جو سموري دنيا تي راڄ رکندڙ آمريڪا اها ٽيڪنالاجي پاڪستان تي آزمائڻ جو فيصلو ڪيو ۔۔ پر اها سندن بدقسمتي چئجي جو اهو روبوٽ پاڪستان جي علائقي چمن ۾ ڪري پيو۔۔ وڌيڪ حوال هن وڊيو ۾ ڏسو۔۔۔

Sunday 25 November 2012

سلطان صلاح الدين ايوبي جي ياد


سلطان صلاح الدين ايوبي جي مزار (شام)




















ان مجاهدِ اعظم جي قبر جنهن کي اڄ به فلسطيني پڪاري رهيا آهن..

هڪ اندازي موجب غزه تي گذريل ڏينهن ۾ 1643 ميزائيل اڇلايا ويا..
جنهن مان 364 زمين تان زمين تي مار ڪندڙ...
1114 ايئر ڪرافٽ ذريعي ... ۽ 165 ٽينڪن وسيلي ...
نتيجي ۾ 822 گهرن کي ٽارگيٽ ڪيو ويو جنهن مان ..
76 مڪمل طور تباهه...
187 بري طور تباهه..
۽ 559 جزوي طور تباهه..ٿيا...
جڏهن ته سڀ کان قيمتي جاني نقصان عليحده...

ڇا توهان کي غزه جي هن وڊيو جي خبر آهي ته جيڪا بار بار يوٽيوب ۽ فيس بوڪ تان هٽائي ويندي آهي .. پر وري ڪونه ڪو وري ان کي اپلوڊ ڪري ڇڏيندو آهي..
جي اڳ نه ڏٺي اٿوَ ته حاضر دنيا جي المناڪ وڊيو جنهن کي ڏسي اکين جا ڳوڙها روڪڻ ڏاڍو ڏکيو لڳندو آهي..



Saturday 24 November 2012

ڇا اجمل قصاب ... امر سنگهه هو..؟

ڪجهه ڏينهن اڳ انڊين سپريم ڪورٽ جي حڪم تي بمبئي حملن ۾ ملوث اجمل قصاب کي ڦاهي ڏني وئي۔۔ ڦاهي ڏيڻ جي عمل کي راز ۾ رکيو ويو۔۔۔ جنهن ڪري انڊين ميڊيا سميت مختلف سوشل نيٽورڪس تي اهڙيون اهڙيون خبرون اچڻ لڳيون آهن۔۔ جن تي ڪڏهن کل ته ڪڏهن حيرت وٺيو وڃي۔۔۔
خبرون آهن ته اجمل قصاب کي گذريل سال کان ڊينگي بخار هيو ۽ ڦاهي جي سزا کي ان ڪري پوئتي رکيو ٿي ويو ته اجمل قصاب جي صحتيابي بعد کيس ڦاهي ڏني وڃي۔۔۔ ڇو ته قانون به اهيو پيو ٻڌائي۔۔ پر ڪجهه اطلاع آهن ته اجمل قصاب ان بيماري مان بچي نه سگهيو ۽ کيس ڦاهي ڏيڻ جو ڊرامو ڪري انڊين قوم کي خوش ڪرڻ سان گڏو گڏ ڪانگريس پارٽي پنهنجي ساک کي بچائڻ جو فيصلو ڪيو۔۔۔

ڳالهيون کڻي اهي به هجن پر پاڪستاني ٿنڪ ٽينڪ سمجهيو ويندڙ زيد حامد وري ڳالهه ئي مختلف پيو ڪري۔۔۔ هوئن ته سندس شخصيت تي کوڙ ساريون آڱريون به کنيل آهن پر سندس پروگرام ڏسندي اڪثر اختلاف رکندڙ ماڻهون به لاجواب ٿيو وڃن۔۔۔
هتي دوستن جي معلومات خاطر سندس هڪ اردو پروگرام جي مختصر وڊيو ڏيکارجي ٿي ۔۔ جنهن ۾ موصوف ثابت ڪري رهيو آهي ته اجمل قصاب نه رڳو پاڪستاني ناهي پر مسلمان به نه آهي۔۔ ۽ اهو انڊن انٽيليجنس را جو خفيه ايجنٽ آهي۔۔۔ توهان به ڏسو ۽ پنهنجا خيال ڏسيو ته ڇا توهان ساڻس متفق آهيو۔۔۔